’دردي صاحب خان جروار

دردي‘ صاحب خان جروار: نامياري شاعر صاحب خان دردي ولد محمد بخش جروار پهرين اپريل 1927ع تي ڳوٺ جهان خان جروار، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
صاحب خان درديءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هو پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد هو. صاحب خاندرديراڳ جو وڏو پارکو هو ۽ جوانيءَ دوران راڳ ڳائيندو هو. راڳ ڳائڻ جي ڪري اڳتي هلي کيس شاعريءَ جو پڻ شوق پيدا ٿيو.
صاحب خاندردي‘ جي شاعريءَ جا اهم موضوع مذهب ۽ مجاز هئا. هو ٻنهي حوالن سان پنهنجي دؤر جو هڪ برجستو شاعر ٿي گذريو آهي. دردي، فقير طبع انسان هو. هر هڪ سان پيار ۽ خلوص سان پيش ايندو هو ۽ پنهنجي دؤر جو هڪ فرض شناس استاد به هو.
صاحب خان جروار ’درديءَ‘ جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو 1992ع ۾ سندس وفات بعد ’ديوان دردي‘ جي نالي سان شايع ٿيو آهي.
صاحب خاندردي‘ 10 اپريل 1992ع تي 65 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.04.01  عيسوي

نامياري شاعر صاحب خان دردي ولد محمد بخش جروار پهرين اپريل 1927ع تي ڳوٺ جهان خان جروار، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


1992.04.10  عيسوي

صاحب خان ’دردي‘ 10 اپريل 1992ع تي 65 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺاڪرداس ڀاونداس تولاڻي ٺاڪر
پرمانند پياسي
ساز علي ساز
تاجدار عادل
عـبـدالله وريـاهه
ڀون سنڌي
ضياء خياروي
رحمت الله پيرزادو اول
نظر سنڌي
حيدر شاهه سيد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون